لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
ڪلاس:ايم.اي فائينل
رول نمبر:49
سنڌي معاشري ۾ تعميري تنقيد جي کوٽ
تنقيد جون ٻه شڪليون آهن.هڪ تنقيد براءِ تنقيد ۽ ٻي تنقيد براءِ تعمير يا
تنقيد براءِ اصلاح.تنقيد جون اهي ٻئي شڪليون ڪنهن به معاشري جي بهتري توڻي ابتري ۾
اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
اسان جو ملڪ ۽ ان ۾ خاص طور سنڌي سماج بدقسمتي سان هن مشهور چوڻي “ تنقيد اهو
آئينو آهي جنهن ۾ انسان پاڻ کانسواءِ باقي سڀني کي ڏسندو آهي” جيان تنقيد براءِ تنقيد واري روش جو شڪار آهي.
تنقيد براءِ تنقيد جو مطلب ڪنهن سان عداوت يا بغض وغيره جي ڪري ،ان تي
خوامخواه جي نڪته چيني ڪرڻ آهي جيڪا معاشري ۾ نفرت ، ترقي ۾ رڪاوٽ ۽ تنزلي جو سبب
بڻجندي آهي.جڏهن ته تنقيد براءِ تعمير جو مطلب ڪنهن شخص کي ان جي خامين کان آگاهه
ڪيو وڃي ته جيئن هوُ انهن کي دوُر ڪري سگھي. تنقيد براءِ تعمير پنهنجي نالي جيان
معاشري جي تعمير ۽ ترقي جو ڪردار ادا ڪندي آهي.
اسان وٽ زندگي جي ڪنهن به شعبي تي نظر ڪيو اوهان کي ٻه ڳالهيون ضرور نظر
اينديون هڪ تنقيد براءِ تنقيد ۽ ٻيو ڪوڙي تعريف.انهن ٻنهي جا عوامي سطح جا مثال
اڄڪلهه سوشل ميڊيا خاص طور فيسبُڪ تي گھڻا ئي ملي وڃن ٿا ۽ اعليٰ سطح تي ان جو
مشاهدو اسان جي ملڪي سياست تي نظر ڪرڻ سان بخوبي ٿي سگھي ٿو.
اسان جي پارليامينٽ ۾ جيڪا به سياسي پارٽي مخالف ڌر ۾ هوندي آهي اها بس انهن
موضوعن تي تنقيد براءِ تنقيد ڪندي آهي جنهن مان انهن کي وڌ ۾ وڌ پوائنٽ اسڪورنگ ٿي
سگهي.جڏهن ته اهي مسئلا جن تي تعميري تنقيد جي شديد ضرورت هوندي آهي انهن تي تنقيد
نه ڪئي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته انهن ۾ پوائنٽ اسڪورنگ وڌڻ جو امڪان نه هوندو آهي.
ٻي پاسي حڪومتي ڌر جو حال اهو هوندو آهي ته اهي پنهنجي حڪومت جي ڪوڙي ساراهه
ان حد تائين ڪندا آهن جو “يوٽوپيائي” تصور جي سچ ٿي وڃڻ جو گُمان ٿيڻ لڳندو آهي.
تنقيد براءِ تنقيد جي روش ايتري ته عام ٿي وئي آهي جو ماڻهو هاڻي پاڻ تي ٿيندڙ
تعميري تنقيدي کي به فقط نڪته چيني ئي سمجھن ٿا ۽ ان کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار
ناهن.
هاڻي حالت اها ٿي وئي آهي جو ماڻهو تعميري تنقيد ڪندڙ کان سخت ناراض ٿين ٿا ۽
ان سان نفرت جو اظهار ڪن ٿا.اهو اظهار به تنقيد براءِ تنقيد جي صورت ۾ هوندو ئي هوندو آهي.
جيستائين اسان تنقيد براءِ تنقيد واري روش ڇڏي تعميري تنقيد کي عام نه ڪنداسين
تيستائين مسئلن مان آجا نٿا ٿي سگهون.ڇاڪاڻ ته مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پهريون مرحلو
انهن جي نشاندهي ڪرڻ آهي جيڪو تعميري تنقيد سان ممڪن آهي.
ان لاءِ اسان کي
گھرجي ته هڪ ته اسين پنهنجي اندر تعميري تنقيد لاءِ برداشت پيدا ڪريون ۽
ٻيو اهو ته اسان ڪنهن تي به خوامخواه جي نڪته چيني نه ڪريون بلڪه ان کي سندس خامي
اهڙي طريقي سان ٻڌايون جو اهو اسان کي پنهجو خيرخواهه سمجهي.