Sunday, 16 April 2017

سنڌ ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻجندڙ مامرا



سنڌ ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻجندڙ مامرا
لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
M.A Final Roll No: 49
سنڌ ۽ وفاق جا تڪرار ملڪ پاڪستان جي ٺهڻ کان فورن پوءِ ان وقت کان ئي شروع ٿي ويا هئا جڏهن ڪراچي کي ملڪ جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو هو ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۽ وفاق ۾ تڪرارن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو ، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري رهندو اچي.هتي اسان انهن مان اهم تڪرارن جهڙوڪ؛ ، پاڻي تڪرار ، صوبائي خودمختياري ، وسيلن ۽ انهن مان ٿيندڙ آمدني جي ورڇ وارن تڪران تي روشني وجهنداسين.
پاڻي جي ورڇ جو تڪرار
پاڻي جي ورڇ جو تڪرار سنڌ ۽ پنجاب ۾ ورهاڱي کان به اڳ جو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته پنجاب ئي وفاق تي حاوي آهي تنهن ڪري ائين چئجي ته اهو مسئلو هاڻ وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ آهي ته صحيح رهندو.91ع واري ٺاهه کان اڳ صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جو ڪو به طئي ٿيل فارمولا نه هو بلڪه اهو سالياني بنيادن تي ورهايو ويندو هو. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن وفاق هميشه سنڌ کي پنهنجي حصي ۽ گهرج جو پاڻي نه ڏيندو هو تڏهن مٿان وري اهو ٿيو جو 1984ع ۾ آمر ضياءُالحق جي دور ۾ پنجاب جي حمايت سان ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو جنهن تي سنڌ سراپا تحريڪ بڻجي وئي ۽ ضياءُالحق کان پوءِ مشرف جهڙو آمر به ان منصوبي کي بظاهر عملي جامو پهرائي نه سگهيو.
وفاق ۽ صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ 1991ع ۾ صوبن ۽ وفاق ۾ معاهدو طئي ٿيو ۽ پاڻي ماهرن مطابق اهو ٺاهه سنڌ لاءِ ڪو گھڻو فائيديمند نه آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ان ۾ پنهنجو حصي ۽ گھرج واري پاڻي جي فراهمي کي يقيني نه بڻائي سگھي.
الميو اهو آهي ته ان نام نهاد ٺاهه تي به وفاق پاران عمل نٿو ڪيو وڃي.ان ٺاه تحت ڊسمبر 1991 ۾ قائم ٿيل ادراي ارسا سنڌ سان پاڻي معاملي ۾ زيادتيون ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽايو آهي. معاهدي ۾ طئي ٿيل ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گھربل 10 ايم.اي.ايف پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري سنڌ جو ٺٽي ۽ بدين ضلعن جا علائقا سمنڊ ڳڙڪائيندو وڃي. 
ان کان علاوه ان ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري هر سال سنڌ پاڻي جي کوٽ کي شديد منهن ڏيندي رهي ٿي ۽ زراعت کي نقصان کان علاوه ٻين جاندارن تي پڻ شديد ناڪاره اثر پون ٿا.هن سال به پاڻي کوٽ ايتري شديد هئي جو ماڻهن کي پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ملي رهيو هو.اهو بحران قدرت جي مهرباني هاڻ وڃي ڪجهه گھٽ ٿيو آهي.
صوبائي خودمختياري جو تڪرار
صوبائي خودمختياري ، پنجاب کي ڇڏي ڪري هونئن ته هر صوبي جو مسئلو آهي پر بلوچستان ۽ سنڌ ان کي گھڻو ڀوڳين ٿا.جيتوڻيڪ ارڙهين ترميم کان پوءِ صوبن کي ڪنهن حد تائين خودمختياري حاصل ٿي آهي جنهن ۾ ڪيترائي اهم کاتا جيئن تعليم ۽ صحت وغيره جيڪي اڳ ۾ وفاق وٽ هئا اهي ان ترميم جي ڪري صوبن ڏانهن منتقل ٿيا آهن پر ان جي باوجود ان ترميم جا ڪيترائي معاملا اڃا اڻ نبريل آهن ۽ وفاق صوبن خاص طور سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت ڪندو رهي ٿو.
سنڌ جي ڪهڙي به حڪومت هجي اها وفاق سان ٽڪراءُ ۾ تڏهن ايندي آهي جڏهن وفاق ۾ انهن جي پنهنجي پارٽي حڪومت ۾ نه هجي.اهڙو ئي معاملو صوبائي خودمختياري جو به آهي.ان جو تازو مثال پيپلز پارٽي وارن جا اهي بيان آهن جيڪي انهن تڏهن ڏنا جڏهن نيب ۽ ايف.آئي.اي سنڌ ۾ پ پ پ جي ماڻهن خلاف ڪاروايون شروع ڪيون.انهن ڪارواين کي پ پ صوبائي خودمختياري خلاف قرار ڏنو.ساڳي موقف پ پ پ رينجرز اختيارن تي تڏهن ظاهر ڪندي رهي آهي جڏهن انهن جو وفاق سان ڪو تڪرار هلي رهيو هوندو آهي.اهڙي ريت ڪجهه عدالتي فيصلن تي به ان قسم جا بيان ٻڌڻ لاءِ مليا ته عدالتون جيڪي فيصلا سنڌ حڪومت جي لاءِ ڏين ٿيون اهڙا ٻين صوبن ۾ نٿا ڏنا وڃن.
 پيپلز پارٽي کي ان وقت سنڌ جي خودمختياري جو ڪو خيال نه رهيو جڏهن رحمان ملڪ سنڌ جو وئسراءِ بڻيو ويٺو هو ۽ بابر اعواڻ سان گڏجي سنڌ ۾ ٻٽي نظام جهڙا فيصلا ٻڌائي هليو ويندو هو.جيئن ته ان وقت وفاق ۾ به پ پ جي حڪومت هئي تنهن ڪري ان وقت سنڌ کي اهو صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت نه لڳو.
وسيلن ۽ انهن جي آمدني جي ورڇ جو تڪرار
وفاق سنڌ کي هميشه کان پنهنجي جائز حصي کان محروم رکيو آهي. هتي اسان قومي مالياتي ايوارڊ ۽ تيل ۽ گئس پيداوار ۾ سنڌ کي ملندڙ ناڪافي حصي جا ڪجهه مثالن مان ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۽ وفاق کان ملندڙ حصو
ڪجهه ئي ڏينهن اڳ جڏهن سنڌ حڪومت کي ڪجهه منصوبن لاءِ گئس نه ملي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه وفاق کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي منصوبن لاءِ گئس نه ڏني وئي ته پنجاب جي گئس بند ڪنداسين جنهن کان پوءِ اهو تڪرار اڃا هلي رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ بيان بازيون هلي رهيون آهن انهن سياسي بيانن کي ڇڏي اسان جائزو وٺون ٿا ته سنڌ سان زيادتيون ڪهڙي ليول تي آهن.
پاڪستان اينرجي بُڪ سال 2012_13 جي مطابق سنڌ 40.63 ، پنجاب 18.9 ، خيبرپختونخواه 40.4 ۽ بلوچستان 0.7 سيڪڙو تيل پيدا ڪيو. ساڳي رڪارڊ موجب گئس پيداوار ۾ سنڌ 68.65  ،پنجاب 4.6، خيبرپختونخواه 8.38 ۽ بلوچستان 18.37 سيڪڙو پيدا ڪن ٿا.جڏهن ته سنڌ پنهنجي پيداوار جي ڀيٽ ۾ 55 ، پنجاب 783 ، خيبر پختونخواه 51 ۽ بلوچستان 30 سيڪڙو گئس استعمال ڪري ٿو.
مٿين رڪارڊ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته وفاق سنڌ سان ڪيتريون زيادتيون ڪري ٿو.ايتري گئس پيداوار جي باوجود سنڌ کي ايل.اين.جي گئس برآمد ڪرڻ لاءِ چيو ويندو رهيو آهي جڏهن ته سنڌ جي گئس جو حصو پنجاب کي ڏنو وڃي ٿو.
قومي مالياتي ايوارڊ مان سنڌ کي ملندڙ حصو
وفاق پاران صوبن مان وصول ٿيندڙ مختلف ٽيڪسن جيئن انڪم ،سيلز ، ويلٿ ۽ ڪسٽم ٽيڪس مان جيڪا آمدني ٿئي ٿي اها صوبن کي قومي مالياتي ايوارڊ جي صورت ۾ آبادي جي بنياد تي تقسيم ڪئي وڃي ٿي.دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙو مثال نٿو ملي ته پيداوار جي بجاءِ آبادي جي بنياد تي آمدني جي ورڇ ٿيندي هجي.جڏهن ته اهو به ياد رهي ته بنگلاديش جي آزادي کان اڳ اهڙي ورهاست نه ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته ان وقت ان جي آبادي پاڪستان جي سڀني صون ۾ سڀني کان وڌيڪ هئي.پر جڏهن بنگال الڳ ٿيو ته پنجاب وڏي ڪاريگري سان اهو سسٽم رائج ڪرائي ورتو. ستين اين.ايف.سِي ايوارڊ جا انگ اکر ڏسنداسين ته خبر پوندي ته 43.5 سيڪڙو رقم وفاق پاڻ رکي 57.5 سيڪڙو صوبن ۾ ورهائي جنهن ۾ 50 سيڪڙو روينيو پيدا ڪندڙ سنڌ کي 24.55 سيڪڙو رقم ملي ۽ 44 سيڪڙو روينيو پيدا ڪندڙ پنجاب کي 51.74 سيڪڙو رقم ملي.

Sunday, 2 April 2017

سوچي هل پرديسي هن شهر جو نالو ڪڙيو اٿئي



سوچي هل پرديسي هن شهر جو نالو ڪڙيو اٿئي!

لکندڙ:رشيد احمد نظاماڻي
هر علائقي جي ڪا نه ڪا شيءَ اهڙي هوندي آهي جيڪا ان جي سڃاڻپ هوندي آهي.هتي آئون پڙهندڙن کي سنڌ جي شهر ڪڙيو گھنور جون اهڙين جاين بابت ٻڌائيندس جيڪي ان جي سڃاڻپ رهيون آهن. ڪڙيو گھنور ، بدين ضلعي جي گولاڙچي تعلقي جو شهر آهي جنهن کي ٽائون جو درجو مليل آهي.هي شهر تقريبن 30 هزار ماڻهن جي آبادي تي مشتمل آهي.هن شهر جون مشهور جايون هي آهن.

درگاه جو ٻاهريون ڏيک
1: درگاهه خليفه محمود فقير نظاماڻي
هي درگاهه جيڪا هن شهر جي مُک سڃاڻپ آهي اها مشهور بزرگ خليفه محمود فقير نظاماڻي جي آهي جيڪو سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ پاڳارن واري سلسلي جي پهرين پير سيد راشد محمد روضي ڌڻي جو مريد ۽ خليفو هو.خليفو محمود فقير 1189 هجري ۽  1768ع ۾ ڪڙيو گهنور ۾ ڄايو.سندس والد رئيس گھنور خان ذات جا نظاماڻي بلوچ هئا.خليفه محمود فقير کي پنج ڀائر هئا جن مان هڪ ،عمر خان مياڻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو.خليفه محمود فقير جي وفات 1851ع ۾ ۽ هجري سال 1267 ۾ 12 ربيع الااول تي ٿي.هر سال ان ئي هجري تاريخ تي سندن مريد عرس ملهائيندا آهن ۽ ميلو به لڳندو آهي.خليفه محمود فقير جا مريد نه فقط سنڌ پر هندستان ۾ پڻ آهن.هن بزرگ جي مريدن وٽ سندس ڪرامتن جا ڪيترائي واقعا مشهور آهن.

درگاه محمود فقير جو مسجد وٽان ڏيک
2. ڪوٽ ٻانڀڻ
ڪوٽ ٻانڀڻ جو هڪ ڏيک
هي ڪوٽ ڪڙيو گھنور شهر کان تقريبن 10 ميلن جي مفاصلي تي اتر ۾ واقع آهي جيڪو هاڻ ڪاٺ ٻانڀڻ جي نالي سان پڻ سڏجي ٿو.ان نالي سان سڏجڻ جو سبب اهو آهي ته اهو ڪوٽ ڪاٺ ٻانڀڻ ذات وارن جي ڳوٺ ڀرسان آهي.هي ڪوٽ 14 ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آهي ۽ 20 فوٽ اوچائي تي آهي.هن دڙي تي پڪين سرن سان 15 فوٽ اُوچو مينار ( ٺُل ) پڻ ٺهيل آهي ،جيڪو گذرندڙ وقت سان گڏ آهستي آهستي ڊهي رهيو آهي ۽ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهي جو شايد ٻن يا ٽن سالن کان پوءِ مڪمل ختم ٿي وڃي.هن ڪوٽ جي باري ۾ گذريل سال ڊسمبر ۾ ڪاوش جي آچر واري ميگزين ۾ علي ڀاءُ نالي ليکڪ جو ليک ڇپيو هو.ان ليک ۾ هڪ جاءِ تي ليکڪ لکي ٿو ته ”جيڪڏهن هن ماڳ کي دريائي وهڪري سان جوڙجي ته هي ڪوٽ يا قلعو ان وقت سنڌو جي هڪ وڏي وهڪري “پٽيهل” تي آباد هو.هي اهو ئي پٽيهل آهي جنهن لاءِ لطيف سائين سُر ڏهر ۾ فرمايو ته “پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آئيو،ماڻهن ميڙائو ڪنين ڪنين ڀيڻئين”.پٽيهل جو ڍورو جيڪو شيخ ڀرڪئي وٽان ساگرو درياءَ يا راجا ڏاهر جي زماني ۾ سڏيو ويندڙ لُهاڻي درياءَ مان الڳ ٿي يا ڦُٽي ، اولهه ڏکڻ طرف وهڻ شروع ڪندو هو.ماتلي جي اولهه کان ”ريڻ” جو وهڪرو هن کان الڳ ٿي وهڻ شروع ڪندو هو، جيڪو فتح باغ وٽان وهندو ڏکڻ طرف بدين ڏي هليو ويندو هو.ان ئي وهڪري مان هڪ شاخ الڳ ٿي ڪوٽ ٻانڀڻ جي اُتر کان وهي وري اچي پٽيهل يا ڦِٽي واري وهڪري ۾ گڏبي هئي ،تنهن ڪري هي ماڳ ٽن طرفن کان پاڻي جي گھيري ۾ هوندو هو جنهن جا نشان هن وقت به مختلف ڍورن ۽ ڍنڍن جي صورت ۾ موجود آهن“

ڪوٽ ٻانڀڻ مان مليل سر جو هڪ نمونو
ان ئي ليک ۾ هڪ ٻي جاءِ تي ليکڪ رقمطراز آهي”سنڌ جي تاريخ جي واحد ڪتاب چچ نامي ۾ جنهن ٻيٽ واري قلعي جو ذڪر ٿيل آهي.بدقسمتي آهي ته اڄ تائين اهو ثابت ناهي ٿي سگھيو ته آخر اهو ٻيٽ وارو قلعو ڪٿي هو.جڳ مشهور محقق ايم.ايڇ پنهور “سنڌ جي ڇهه هزار سال پراڻي ريجاڻي تاريخ” جي هڪ نقشي ۾ ٻيٽ واري قلعي جي جيڪا نشاندهي ڪئي آهي ان مطابق راوڙ تلهار لڳ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ٻيٽ واري قلعي  لاءِ راوڙ کان اولهه طرف هڪ لڪير ڪڍي نشان ڏنو ويو آهي، جنهن مان هن جاءِ جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.چچ نامي ۾ ٻيٽ واري قلعي جي ڀرسان گرهڙ نالي هڪ ڍنڍ يا ڇن جو ذڪر ملي ٿو جيڪا هن وقت به هن ماڳ جي اولهه طرف کان گرهوڙ جي نالي سان موجود آهي.هن ماڳ تي ڏکڻ پاسي کان هڪ پڪي ديوار  جا زمين دوز بنياد به ملن ٿا جنهن مان هتي هڪ قلعي ديوار هئئڻ جو پتو پڻ پوي ٿو.هن ماڳ تي موجود ”ٺُل” جنهن کي مقامي طور “ڏيوري” چيو ويندو آهي اهو لاڙ ۾ بچي ويل اڪيلو ٺُل آهي.هي برهمڻ آباد واري ٺُل سان گھڻي هڪجهڙائي رکي ٿو.هن ٺُل وٽان ملندڙ ڪجهه سرن جو گھاڙيٽو پنهنجو الڳ نمونو رکي ٿو، جنهن تي مختلف قسم جون شڪليون ۽ علامتون اُڪريل آهن جن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هي ٺُل هڪ مذهبي اهڃاڻ يا نشان هو ،جيڪو شايد ٻُڌ اسٽوپا به ٿي سگھي ٿو.هتان چيني جي ڪنهن ٿانو جو هڪ ٽڪرو به مليو آهي ، جنهن تي اردناگري لپيءَ ۾ ڪجه اکر لکيل آهن.اهي پڙهي پروڙڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي.” پنهنجي ليک جي آخري پيراگراف ۾ ليکڪ لکي ٿو ته “مٿي ذڪر ڪيل سموريون شاهديون ۽ ثبوت  ان ڳالهه جي پڪ ڏيارين ٿا ته ڪوٽ ٻانڀڻ نالي هي ماڳ انتهائي اهميت رکي ٿو.ڇا هي اهو ئي ٻيٽ وارو قلعو آهي جنهن کي گرهڙ وٽان ٻيڙين جي پُل ٺاهي محمد بن قاسم مهراڻ درياهه پارِ ۽ فتح ڪيو هو ۽ جتي ويهي هن راجا ڏاهر سان آخري ۽ فيصلائتي ويڙهه ڪرڻ لاءِ هن ئي قلعي ۾ ٽن مهينن تائين ٿڪ ڀڃڻ ۽ ساهي پٽڻ سان گڏ  جنگي تياري ۽ ساز ۽ سامان گڏ ڪيا هئا؟“

3. شهر جو پوليس ٿاڻو
پڙهندڙ سوچيندا هوندا  ته هڪ پوليس ٿاڻو سو به سنڌ جو ، سو مشهور ڇو ٿي سگهي ٿو ته ان لاءِ جواب هي آهي ته هي ٿاڻو 1924 ۾ انگريزن جو دور ۾ قائم ڪيو ويو هو ۽ ان سان گڏ ڦاسي گھاٽ به قائم ڪيو ويو هو.توڙي جو هاڻ ان ٿاڻي جا ڪي چند آثار ئي بچيا آهن ۽ ان جي جاءِ نئين ٿاڻي والاري آهي پر ان ٿاڻي جي ڦاسي گھاٽ تي ٻن ڄڻڻ کي آيل  ڦاسين جو واقعو اهڙو آهي جيڪو اڄ تائين هتي جي ماڻهن ۾ مشهور آهي. اهو واقعو ڪجهه هن ريت آهي ته انگريزن جي دور ۾ چانگ برادري جي هڪ شخص تي قتل جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي ته سندس پيءُ پنهنجي پُٽ کي بچائڻ لاءِ عدالت ۾ چيو ته “اهو قتل مون ڪيو آهي تنهن ڪري سزا به مونکي ڏني وڃي” ساڳي طرح پُٽ به پنهنجي پيءُ کي بچائڻ لاءِ اهڙو ئي بيان ڏنو ته “قتل منهنجي پيءُ نه بلڪه مون ڪيو آهي ۽ سزا مون کي ڏني وڃي”  چون ٿا جج هڪ انگريز هو تنهن فيصلو ڏنو ته ڇاڪاڻ ته ٻنهي ( پيءُ ۽ پُٽ) قتل جو اعتراف ڪيو آهي تنهن ڪري ٻنهي کي ڦاسي ڏني وڃي.

Saturday, 18 March 2017

ڪڙيو گھنور جا مسئلا



ڪڙيو گهنور جا ٽي اهم مسئلا
لکندڙ: رشيد احمد نظاماڻي
 M.A Final Roll No: 49

ڪڙيو گھنور ، بدين ضلعي جي گولاڙچي تعلقي جو شهر آهي جنهن کي ٽائون جو درجو مليل آهي.هي شهر تقريبن 30 هزار ماڻهن جي آبادي تي مشتمل آهي. هي شهر هونئن ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي پر اسان هتي ان جي ٽي اهم مسئلن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي هي آهن. 1. منشيات فروشي 2. شهر سان لڳ قائم ٿيل آئل فيلڊ طرفان مقامي ماڻهن جي حقن جي خلاف ورزي 3. انفرا اسٽرڪچر جي ناقص صورتحال.هيٺ انهن جو ترتيبوار جائزو پيش ڪجي ٿو.
1. منشيات فروشي
نشي جو وڪرو ۽ ان جو واهپو هن شهر ۾ تمام گھڻو عام آهي.هتي ڪچو شراب ، چرس ،گٽڪو ، مين پڙي ۽ ٻيون  2100، زعفراني وغيره جهڙن نالن سان پيڪنگ ۾ ايندڙ تماڪ واريون شيون با آساني ملي وڃن ٿيون. هتي هر ٻي گهر ۾ هڪ يا ٻه فرد شراب جا عادي آهن ۽ گٽڪي ۽ مين پڙي جا ته هر گهر ۾ هڪ فرد يا ڪنهن ڪنهن گهر ۾ ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي به عادي آهن .

منشيات جي هن وڪري خلاف اثر رسوخ رکندڙ ٻه نظاماڻي ڌريون جيڪي هڪٻئي جون روايتي حريف آهن انهن جو ڪڏهن ڪو خاص رد عمل ڪڏهن به ناهي آيو ڇاڪاڻ ته اهي ان معاملي تي قدم کڻڻ کي پنهنجي ووٽ گھٽجڻ جو خدشو سجهن ٿا. سال 2012 ۾ زهريلو ڪچو شراب واپرائڻ جي ڪري هتي 4 ماڻهو فوت ٿيا جنهن کي پوءِ مذڪوره ڌرين ٻين سماجي ماڻهن سان گڏجي لائعه عمل جوڙيو هو پر وري به ڌرين جي ذاتي مصلحتن جي ڪري ان تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو. ان سموري صورتحال ۾ هتي جي پوليس پوري صوبي جيان روايتي ڪردار ادا ڪندي آهي.ڪچو شراب وڪڻندڙ هجي يا گٽڪا فروش هجي پوليس هر منشيات فروش کان هفتيوار ۽ ماهوار رشوت وصول ڪندي آهي.جڏهن ته اهلِ شعور ماڻهو ڇڙوڇڙ هجڻ ڪري ڳالهين تائين محدود آهن.

2. آئل فيلڊ طرفان مقامي ماڻهن جي حقن جي خلاف ورزي

شهر کان 2 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آئل فيلڊ قائم ٿيل آهي جيڪا 1980 ڌاري آمريڪا جي يونين ٽيڪساس ڪمپني قائم ڪئي.بعد ۾ برطانيا جي ڪمپني برٽش پيٽروليم ان کي خريد ڪيو ۽ هلايو ۽ هاڻ اها چين جي يونائيٽيڊ اينرجي وٽ آهي.ان آئل فيلڊ جي قائم ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين اها هتان جي ماڻهن جي حق تلفي ڪندي رهي آهي.
اها حق تلفي هڪ ته روزگار جي معاملي ۾ ٿئي ٿي ۽ ٻيو هن علائقي جي ترقي لاءِ اها رقم خرچ نه ڪرڻ آهي جيڪا پاڪستاني حڪومت طرفان انهن ڪمپنين تي لاڳو ڪيل آهي.

هن آئل فيلڊ ۾ اهم جاين تي 90 سيڪڙو ٻين ضلعن ۽ صوبن جا ماڻهو مقرر ٿيل آهن جڏهن ته مقامي ماڻهو هيٺين جاين ، جن ۾ به گهڻو ڪري مزدوري تي رکيا وڃن ٿا ۽ اهي ڪجهه مقامي ماڻهو به هتي جي سياسي سماجي ڌرين جي گهڻي دٻاءُ کان پوءِ رکيا وڃن ٿا. انتظاميه پاران ان جو سبب اهو ٻڌايو ويندو آهي ته مقامي طور اهڙا ماڻهو  نٿا ملن جيڪي اهم جاين تي رکي سگهجن پر انهن جو تعصب تڏهن ظاهر ٿي پوندو آهي جڏهن گارڊ به ٻاهران گھرائي ڀرتي ڪيا ويندا آهن.

ٻي پاسي مقامي آبادي جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ صرف نالي ماتر رقم خرچ ڪئي وڃي ٿي. آئل فيلڊ انتظاميه ترقي واري اها رقم ٽائون جي مڪاني حڪومت حوالي ڪندي آهي.ان رقم جو پوءِ ڪهڙو حال ٿيندو هوندو اهو اندازو سنڌ جي سياسي حالتن مان با آسان ڪري سگھجي ٿو.

آئل فيلڊ جي انهن حق تلفين خلاف مختلف وقتن تي احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا لڳي چڪا آهن.اهي احتجاج گڏيل نه هوندا آهن بلڪه ڪڏهن ڪهڙي برادري ته ڪڏهن ڪهڙي پارٽي وارا ڪندا آهن. پر هر واري انتطاميه انهن احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جي اڳواڻن کي مراعتون ڏئي يا انهن جا ڪجهه ماڻهو روزگار سان لڳائي انهن کي پرچائي وٺندي آهي. يا وري انهن کي پوليس کان ٻڌرائي پنهنجي جان آجي ڪرائي وٺندي آهي.
3.انفرا اسٽرڪچر جي ناقص صورتحال

هن شهر جون اڪثر گليون گهٽيون سال 2004 ۾ ٺهڻ کانپوءِ وري انهن جي ڪا مرمت وغيره نه ٿي سگھي آهي. بس ڪي چند آهن جن جي ويجهڙائي ۾ 2016 ۾ مرمت ٿي سگھي آهي.پر ڪرپشن جي ڪري اها مرمت به اهڙي ٿي آهي جو انهن جو فرش ٽٽڻ لڳو آهي. گھٽيون جھڪيون هجڻ ۽ گٽر صحيح نموني نه ٺهيل هجڻ ڪري برساتن جو پاڻي بيهي رهي ٿو جڏهن ته عام حالتن ۾ به اڪثر گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري پاڻي بيهي رهندو آهي.








هتي جي ماڻهن لاءِ حڪومت طرفان پيئڻ جي صاف پاڻي جي لاءِ ڪو به انتظام نه آهي سرندي وارن پنهنجي گهرن ۾ تمام پري کان ٻنين مان بور ڪرائي پاڻي جون لائينون ڇڪائي هينڊ پمپ لڳرايا آهن جڏهن ته اهي غريب جيڪي اهڙو خرچ نٿا ڀري سگهن اهي پئسن تي گڏهه گاڏن جي ذريعي پاڻي ڀرائين ٿا جيڪو غريب ماڻهن تي هڪ وڏو بار آهي.

شهر جي سڀني مسئلن جو اهم سبب هتي جي ماڻهن ۾ اتحاد نه هجڻ ۽ ڪجهه ڪون ٿيندو واري سوچ آهي جنهن ڪري شهر جي مسئلن لاءِ ڪي خاص ڪوششون ڪون ٿيون ورتيون وڃن 

Tuesday, 28 February 2017

موئن جي دڙي جو سير



موئن جي دڙي جو سير
لکندڙ: رشيد احمد نظاماڻي
M.A Final Roll Number: 49

اهي ماڻهو جن کي اها خبر آهي ته موئن جو دڙو هڪ اهڙي جاءِ آهي جيڪا ترقي يافته تهذيب رکندڙ ماڻهن جي پنج هزار سال پراڻي نشاني آهي ، اهي ان کي گهمڻ جي خواهش ضرور رکندا هوندا.آئون به اهڙن ماڻهن مان آهيان ۽ ويجهڙائي ۾ 18 فيبروري 2017 تي منهنجي اها خواهش پوري ٿي.

سنڌ يونيورسٽي ۾ منهنجي هاسٽل رُوم ميٽس جيڪي لاڙڪاڻي ۾ موئن جي دڙي کان تقريبن 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع ڳوٺ رسول بخش هُليو ۾ رهن ٿا ،جي دعوت تي اسان چار ڄڻا (جن ۾ آئون،هڪ رشتيدار رُوم ميٽ ۽ ٻه ميزبان) ڄامشورو کان شام 4:30 بجي نڪتاسين ۽ رات جو 8:30 وڳي لاڙڪاڻي پهتاسين.ڄامشوري کان لاڙڪاڻو تقريبن 290 ڪلو ميٽر آهي. لاڙڪاڻي ۾ ماني کائي هڪ دوست جي جڳهه تي سمهي رهياسين ۽ صُبح جو 10 وڳي سندن ڳوٺ لاءِ روانا ٿياسين جيڪو لاڙڪاڻي کان تقريبن 25 ڪلوميٽر باقراڻي تعلقي ۾ آهي.

لاڙڪاڻي کان دوستن جي ڳوٺ ويندي اسان کي لاڙڪاڻي جو ٻهراڙيون ڏسڻ جو موقعو مليو.روڊ جي ٻنهي پاسي ساوڪ جو ويس اوڍيل ڌرتي ڪڻڪ،زيتون ،ٻير ،پليءَ  ۽ ٻين مختلف فصلن سان تمام گهڻي خوبصورت ۽ روح کي راحت ڏيندڙ هئي.هتي مونکي ماڻهن ۾ گوڏ پائڻ ۽ سائيڪل جي سواري جو رُجحان گھڻو نظر آيو.

جڏهن ڳوٺ پهتاسين ته خبر پئي ته هن ڳوٺ سان لڳ هڪ ٻئي ڳوٺ عيسي هُليو ۾ هڪ رٽائرڊ پرائمري استاد جي وفات ٿي آهي.اسان تعزيت لاءِ تڏي تي وياسين .هن شخص جي وفات تي هتي جي ماڻهن کي گهرو افسوس هو.ڇاڪاڻ ته انهن جي مطابق هن آسپاس جي ڳوٺن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو اهو ئي سبب آهي جو ٻهراڙي سان تعلق رکڻ جي باوجود هتان جا ڪيترائي نوجوان يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن ۽ جن مان ڪيترائي پڙهي نوڪريون ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه سِي.ايس.ايس جي امتحانن جي تياري ڪري رهيا آهن.هڪ شخص جي محنتن سان هڪ ڳوٺ ۾ تعليم ۾ ايترو فائدو ٿي سگهي ٿو ته اسان کي سوچڻ کپي ته جيڪڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ ڪجهه ماڻهو جيڪڏهن اهڙيون ڪوششون وٺن ته اسان جي تعليم ڪيترو اڳتي وڌي سگهي ٿي.

 بهرحال اسان شام جو 4:30 وڳي اتان ٽي موٽر سائيڪلن تي 6 ڄڻن جي مختصر قافلي سان موئن جي دڙي لاءِ نڪتاسين.اتي پهچڻ کانپوءِ جڏهن ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿياسين ته جهڙالي موسم ۾ موئن جي دڙي ۽ خاص طور ان جي اسٽوپا تي نظر پوڻ سان مون تي حيرت ، رُعب ۽ خوشي جون گڏيل ڪيفيتون طاري ٿي ويون مون سان گڏ آيل رشتيدار رُوم ميٽ به اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو.

اسان جيئن جيئن گهمندا وياسين تيئن موئن جي دڙي جا آثار اسان کي پنهجي سحر ۾ جڪڙيندا ويا.آئون سوچڻ لڳس هي اها جڳهه آهي جتي اڄ کان پنج هزار سال رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي اڄ جي ترقي يافته دنيا جو مقابلو ڪندڙ هئي.موئن جي دڙي جو شهر ڏسڻ سان اسان کي پنهنجي معلومات آهر جيڪا خبر پئي اها هي ته هي شهر جديد شهرن جي مطلوبه سڀني گهرجن تي پورو لهندڙ شهر هو.هتي جا گهر ٻه ماڙ جن ۾ بالڪونيون پڻ هيون ، پاڻي لاءِ کوهه ، وهنجڻ لاءِ غسل خانه ۽ نيڪال لاءِ گٽر ناليون هيون جيڪي سڀ مڪمل منصوبه بندي تحت ٺهيل آهن.

موئن جو دڙو گهمندي احساس ٿيو ڪيتريون ئي اهڙيو ڳالهيون آهن جيڪي اسان کي هن دڙي جي باري ۾ گھڻي معلومات نه هجڻ ڪري سمجهه ۾ نه اچي رهيون هيون پوءِ سوچيوسين ته گڏ ڪو آرڪيالاجي جي ڄاڻ رکندڙ شخص هجي ها يا اسان مان ئي ڪو عام معلومات کان هٽي ڪري موئن جي دڙي جي تاريخ بابت ڪجهه سٺو ڄاڻندو هجي ها ته اسان بهتر نموني سان هي تاريخي جاءِ گهمي سگهون ها.تنهڪري ڪنهن تاريخي جڳهه گهمڻ کان پهرين ضروري آهي ته وڌ کان وڌ اسان ان جي باري ۾ معلومات حاصل ڪريون.

 دڙو گھمڻ وقت اهو ڏسي سخت افسوس ٿيو ته سنڌ جي شاندار ماضي جي هي سڃاڻپ حڪومت توڙي ماڻهن جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي جي ڪري مٽجڻ ڏانهن گامزن آهي.اسان جي حڪومت ڪيترائي اعلان به ڪري ٿي ۽ ڪيتري ئي بجيٽ به اچي ٿي پر موئن جي دڙي جي حفاظت لاءِ عملي طور ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي.هتي گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو به گهمڻ وقت ان جي حفاظت جو خيال ئي نٿا ڪن ۽ ديوارن تي چڙهندي ۽ لتاڙ ڪندي انهن کي نقصان پهچائين ٿا.اتي جي کوهن ۾ پاڻ سان آندل مشروبات جو خالي بوتلون ۽ ٻين شين جو ڪچرو اڇلائين ٿا. مون پنهنجي سامهون ڏٺو ته هڪ شخص اهڙي لاپرواهي سان هڪ ننڍي ديوار تي چڙهيو جو ان جي سر پنهنجي جاءِ تان هٽي وئي.

دڙو گھمڻ کانپوءِ اسان اتي جو ميوزيم گهمڻ جو ارادو ڪيو پر خبر پئي ته اهو شام جو 4 وڳي بند ٿي ويندو آهي.چيو وڃي ٿو موهن جي دڙي مان نڪتل اصل شيون ڪي ٿوريون آهن باقي يا چوري ٿي ويون آهن يا برطانيا وٽ آهن ۽ هن دڙي مان نڪتل ناچڻي جو مجسمو انڊيا وٽ آهي.تازو ئي سڪا چوري ٿيڻ جون خبرون به رپورٽ ٿيون هيون هاڻ هتي انهن شين جا بس نقل رکيل آهن.

جيئن ته هاڻ انڌيرو ٿي رهيو هو تنهڪري اسين موئن جي دڙي جي حيرت ۽ سحر ۾ ورتل ۽ پنهنجي محدود علم مطابق  ان جي شاندار ماضي،ان جي تباهي جي سببن ، حڪومت جي ان طرف لاپرواهي وغيره  تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا ٻاهر نڪري واپس ڳوٺ اچڻ لاءِ روانا ٿي وياسين.