ڪڙيو گهنور جا ٽي اهم مسئلا
لکندڙ: رشيد احمد نظاماڻي
M.A Final Roll No: 49
ڪڙيو گھنور ، بدين ضلعي جي گولاڙچي تعلقي جو شهر آهي جنهن
کي ٽائون جو درجو مليل آهي.هي شهر تقريبن 30 هزار ماڻهن جي آبادي تي مشتمل آهي. هي
شهر هونئن ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي پر اسان هتي ان جي
ٽي اهم مسئلن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي هي آهن. 1. منشيات فروشي 2. شهر
سان لڳ قائم ٿيل آئل فيلڊ طرفان مقامي ماڻهن جي حقن جي خلاف ورزي 3. انفرا
اسٽرڪچر جي ناقص صورتحال.هيٺ انهن جو ترتيبوار جائزو پيش ڪجي ٿو.
1. منشيات
فروشي
نشي جو وڪرو ۽ ان جو واهپو هن شهر ۾ تمام گھڻو عام آهي.هتي
ڪچو شراب ، چرس ،گٽڪو ، مين پڙي ۽ ٻيون
2100، زعفراني وغيره جهڙن نالن سان پيڪنگ ۾ ايندڙ تماڪ واريون شيون با
آساني ملي وڃن ٿيون. هتي هر ٻي گهر ۾ هڪ يا ٻه فرد شراب جا عادي آهن ۽ گٽڪي ۽ مين
پڙي جا ته هر گهر ۾ هڪ فرد يا ڪنهن ڪنهن گهر ۾ ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي به عادي آهن .
منشيات جي هن وڪري خلاف اثر رسوخ رکندڙ ٻه نظاماڻي ڌريون
جيڪي هڪٻئي جون روايتي حريف آهن انهن جو ڪڏهن ڪو خاص رد عمل ڪڏهن به ناهي آيو
ڇاڪاڻ ته اهي ان معاملي تي قدم کڻڻ کي پنهنجي ووٽ گھٽجڻ جو خدشو سجهن ٿا. سال 2012
۾ زهريلو ڪچو شراب واپرائڻ جي ڪري هتي 4 ماڻهو فوت ٿيا جنهن کي پوءِ مذڪوره ڌرين
ٻين سماجي ماڻهن سان گڏجي لائعه عمل جوڙيو هو پر وري به ڌرين جي ذاتي مصلحتن جي
ڪري ان تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو. ان سموري صورتحال ۾ هتي جي پوليس پوري صوبي جيان
روايتي ڪردار ادا ڪندي آهي.ڪچو شراب وڪڻندڙ هجي يا گٽڪا فروش هجي پوليس هر منشيات
فروش کان هفتيوار ۽ ماهوار رشوت وصول ڪندي آهي.جڏهن ته اهلِ شعور ماڻهو ڇڙوڇڙ هجڻ
ڪري ڳالهين تائين محدود آهن.
2. آئل فيلڊ طرفان مقامي ماڻهن جي حقن جي خلاف ورزي
شهر کان 2 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آئل فيلڊ قائم ٿيل آهي
جيڪا 1980 ڌاري آمريڪا جي يونين ٽيڪساس ڪمپني قائم ڪئي.بعد ۾ برطانيا جي ڪمپني
برٽش پيٽروليم ان کي خريد ڪيو ۽ هلايو ۽ هاڻ اها چين جي يونائيٽيڊ اينرجي وٽ آهي.ان
آئل فيلڊ جي قائم ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين اها هتان جي ماڻهن جي حق تلفي ڪندي رهي
آهي.
اها حق تلفي هڪ ته روزگار جي معاملي ۾ ٿئي ٿي ۽ ٻيو هن
علائقي جي ترقي لاءِ اها رقم خرچ نه ڪرڻ آهي جيڪا پاڪستاني حڪومت طرفان انهن
ڪمپنين تي لاڳو ڪيل آهي.
هن آئل فيلڊ ۾ اهم جاين تي 90 سيڪڙو ٻين ضلعن ۽ صوبن جا
ماڻهو مقرر ٿيل آهن جڏهن ته مقامي ماڻهو هيٺين جاين ، جن ۾ به گهڻو ڪري مزدوري تي
رکيا وڃن ٿا ۽ اهي ڪجهه مقامي ماڻهو به هتي جي سياسي سماجي ڌرين جي گهڻي دٻاءُ کان
پوءِ رکيا وڃن ٿا. انتظاميه پاران ان جو سبب اهو ٻڌايو ويندو آهي ته مقامي طور
اهڙا ماڻهو نٿا ملن جيڪي اهم جاين تي رکي
سگهجن پر انهن جو تعصب تڏهن ظاهر ٿي پوندو آهي جڏهن گارڊ به ٻاهران گھرائي ڀرتي
ڪيا ويندا آهن.
ٻي پاسي مقامي آبادي جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ صرف نالي ماتر
رقم خرچ ڪئي وڃي ٿي. آئل فيلڊ انتظاميه ترقي واري اها رقم ٽائون جي مڪاني حڪومت
حوالي ڪندي آهي.ان رقم جو پوءِ ڪهڙو حال ٿيندو هوندو اهو اندازو سنڌ جي سياسي
حالتن مان با آسان ڪري سگھجي ٿو.
آئل فيلڊ جي انهن حق تلفين خلاف مختلف وقتن تي احتجاجي
مظاهرا ۽ ڌرڻا لڳي چڪا آهن.اهي احتجاج گڏيل نه هوندا آهن بلڪه ڪڏهن ڪهڙي برادري ته
ڪڏهن ڪهڙي پارٽي وارا ڪندا آهن. پر هر واري انتطاميه انهن احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن
جي اڳواڻن کي مراعتون ڏئي يا انهن جا ڪجهه ماڻهو روزگار سان لڳائي انهن کي پرچائي
وٺندي آهي. يا وري انهن کي پوليس کان ٻڌرائي پنهنجي جان آجي ڪرائي وٺندي آهي.
3.انفرا اسٽرڪچر جي ناقص صورتحال
هن شهر جون اڪثر گليون گهٽيون سال 2004 ۾ ٺهڻ کانپوءِ وري
انهن جي ڪا مرمت وغيره نه ٿي سگھي آهي. بس ڪي چند آهن جن جي ويجهڙائي ۾ 2016 ۾
مرمت ٿي سگھي آهي.پر ڪرپشن جي ڪري اها مرمت به اهڙي ٿي آهي جو انهن جو فرش ٽٽڻ لڳو
آهي. گھٽيون جھڪيون هجڻ ۽ گٽر صحيح نموني نه ٺهيل هجڻ ڪري برساتن جو پاڻي بيهي رهي
ٿو جڏهن ته عام حالتن ۾ به اڪثر گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري پاڻي بيهي رهندو آهي.
هتي جي ماڻهن لاءِ حڪومت طرفان پيئڻ جي صاف پاڻي جي لاءِ ڪو
به انتظام نه آهي سرندي وارن پنهنجي گهرن ۾ تمام پري کان ٻنين مان بور ڪرائي پاڻي
جون لائينون ڇڪائي هينڊ پمپ لڳرايا آهن جڏهن ته اهي غريب جيڪي اهڙو خرچ نٿا ڀري
سگهن اهي پئسن تي گڏهه گاڏن جي ذريعي پاڻي ڀرائين ٿا جيڪو غريب ماڻهن تي هڪ وڏو
بار آهي.
شهر جي سڀني مسئلن جو اهم سبب هتي جي ماڻهن ۾ اتحاد نه هجڻ ۽ ڪجهه ڪون ٿيندو واري سوچ آهي جنهن ڪري شهر جي مسئلن لاءِ ڪي خاص ڪوششون ڪون ٿيون ورتيون وڃن
شهر جي سڀني مسئلن جو اهم سبب هتي جي ماڻهن ۾ اتحاد نه هجڻ ۽ ڪجهه ڪون ٿيندو واري سوچ آهي جنهن ڪري شهر جي مسئلن لاءِ ڪي خاص ڪوششون ڪون ٿيون ورتيون وڃن





