موئن جي دڙي جو سير
لکندڙ: رشيد احمد نظاماڻي
M.A Final Roll Number: 49
اهي ماڻهو جن کي اها خبر آهي ته موئن جو دڙو هڪ اهڙي جاءِ
آهي جيڪا ترقي يافته تهذيب رکندڙ ماڻهن جي پنج هزار سال پراڻي نشاني آهي ، اهي ان
کي گهمڻ جي خواهش ضرور رکندا هوندا.آئون به اهڙن ماڻهن مان آهيان ۽ ويجهڙائي ۾ 18
فيبروري 2017 تي منهنجي اها خواهش پوري ٿي.
سنڌ يونيورسٽي ۾ منهنجي هاسٽل رُوم ميٽس جيڪي لاڙڪاڻي ۾
موئن جي دڙي کان تقريبن 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع ڳوٺ رسول بخش هُليو ۾ رهن ٿا
،جي دعوت تي اسان چار ڄڻا (جن ۾ آئون،هڪ رشتيدار رُوم ميٽ ۽ ٻه ميزبان) ڄامشورو
کان شام 4:30 بجي نڪتاسين ۽ رات جو 8:30 وڳي لاڙڪاڻي پهتاسين.ڄامشوري کان لاڙڪاڻو
تقريبن 290 ڪلو ميٽر آهي. لاڙڪاڻي ۾ ماني کائي هڪ دوست جي جڳهه تي سمهي رهياسين ۽
صُبح جو 10 وڳي سندن ڳوٺ لاءِ روانا ٿياسين جيڪو لاڙڪاڻي کان تقريبن 25 ڪلوميٽر
باقراڻي تعلقي ۾ آهي.
لاڙڪاڻي کان دوستن جي ڳوٺ ويندي اسان کي لاڙڪاڻي جو
ٻهراڙيون ڏسڻ جو موقعو مليو.روڊ جي ٻنهي پاسي ساوڪ جو ويس اوڍيل ڌرتي ڪڻڪ،زيتون
،ٻير ،پليءَ ۽ ٻين مختلف فصلن سان تمام
گهڻي خوبصورت ۽ روح کي راحت ڏيندڙ هئي.هتي مونکي ماڻهن ۾ گوڏ پائڻ ۽ سائيڪل جي
سواري جو رُجحان گھڻو نظر آيو.
جڏهن ڳوٺ پهتاسين ته خبر پئي ته هن ڳوٺ سان لڳ هڪ ٻئي ڳوٺ
عيسي هُليو ۾ هڪ رٽائرڊ پرائمري استاد جي وفات ٿي آهي.اسان تعزيت لاءِ تڏي تي
وياسين .هن شخص جي وفات تي هتي جي ماڻهن کي گهرو افسوس هو.ڇاڪاڻ ته انهن جي مطابق
هن آسپاس جي ڳوٺن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو اهو ئي سبب آهي جو ٻهراڙي سان
تعلق رکڻ جي باوجود هتان جا ڪيترائي نوجوان يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن ۽ جن مان
ڪيترائي پڙهي نوڪريون ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه سِي.ايس.ايس جي امتحانن جي تياري ڪري
رهيا آهن.هڪ شخص جي محنتن سان هڪ ڳوٺ ۾ تعليم ۾ ايترو فائدو ٿي سگهي ٿو ته اسان کي
سوچڻ کپي ته جيڪڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ ڪجهه ماڻهو جيڪڏهن اهڙيون ڪوششون وٺن ته اسان
جي تعليم ڪيترو اڳتي وڌي سگهي ٿي.
بهرحال اسان شام جو
4:30 وڳي اتان ٽي موٽر سائيڪلن تي 6 ڄڻن جي مختصر قافلي سان موئن جي دڙي لاءِ
نڪتاسين.اتي پهچڻ کانپوءِ جڏهن ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿياسين ته جهڙالي موسم ۾ موئن
جي دڙي ۽ خاص طور ان جي اسٽوپا تي نظر پوڻ سان مون تي حيرت ، رُعب ۽ خوشي جون گڏيل
ڪيفيتون طاري ٿي ويون مون سان گڏ آيل رشتيدار رُوم ميٽ به اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو.
اسان جيئن جيئن گهمندا وياسين تيئن موئن جي دڙي جا آثار
اسان کي پنهجي سحر ۾ جڪڙيندا ويا.آئون سوچڻ لڳس هي اها جڳهه آهي جتي اڄ کان پنج
هزار سال رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي اڄ جي ترقي يافته دنيا جو مقابلو ڪندڙ هئي.موئن
جي دڙي جو شهر ڏسڻ سان اسان کي پنهنجي معلومات آهر جيڪا خبر پئي اها هي ته هي شهر
جديد شهرن جي مطلوبه سڀني گهرجن تي پورو لهندڙ شهر هو.هتي جا گهر ٻه ماڙ جن ۾
بالڪونيون پڻ هيون ، پاڻي لاءِ کوهه ، وهنجڻ لاءِ غسل خانه ۽ نيڪال لاءِ گٽر
ناليون هيون جيڪي سڀ مڪمل منصوبه بندي تحت ٺهيل آهن.
موئن جو دڙو گهمندي احساس ٿيو ڪيتريون ئي اهڙيو ڳالهيون آهن
جيڪي اسان کي هن دڙي جي باري ۾ گھڻي معلومات نه هجڻ ڪري سمجهه ۾ نه اچي رهيون هيون
پوءِ سوچيوسين ته گڏ ڪو آرڪيالاجي جي ڄاڻ رکندڙ شخص هجي ها يا اسان مان ئي ڪو عام
معلومات کان هٽي ڪري موئن جي دڙي جي تاريخ بابت ڪجهه سٺو ڄاڻندو هجي ها ته اسان
بهتر نموني سان هي تاريخي جاءِ گهمي سگهون ها.تنهڪري ڪنهن تاريخي جڳهه گهمڻ کان
پهرين ضروري آهي ته وڌ کان وڌ اسان ان جي باري ۾ معلومات حاصل ڪريون.
دڙو گھمڻ وقت اهو
ڏسي سخت افسوس ٿيو ته سنڌ جي شاندار ماضي جي هي سڃاڻپ حڪومت توڙي ماڻهن جي بي
ڌياني ۽ لاپرواهي جي ڪري مٽجڻ ڏانهن گامزن آهي.اسان جي حڪومت ڪيترائي اعلان به ڪري
ٿي ۽ ڪيتري ئي بجيٽ به اچي ٿي پر موئن جي دڙي جي حفاظت لاءِ عملي طور ڪجهه به نه
ڪيو ويو آهي.هتي گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو به گهمڻ وقت ان جي حفاظت جو خيال ئي نٿا ڪن
۽ ديوارن تي چڙهندي ۽ لتاڙ ڪندي انهن کي نقصان پهچائين ٿا.اتي جي کوهن ۾ پاڻ سان آندل
مشروبات جو خالي بوتلون ۽ ٻين شين جو ڪچرو اڇلائين ٿا. مون پنهنجي سامهون ڏٺو ته
هڪ شخص اهڙي لاپرواهي سان هڪ ننڍي ديوار تي چڙهيو جو ان جي سر پنهنجي جاءِ تان هٽي
وئي.
دڙو گھمڻ کانپوءِ اسان اتي جو ميوزيم گهمڻ جو ارادو ڪيو پر
خبر پئي ته اهو شام جو 4 وڳي بند ٿي ويندو آهي.چيو وڃي ٿو موهن جي دڙي مان نڪتل
اصل شيون ڪي ٿوريون آهن باقي يا چوري ٿي ويون آهن يا برطانيا وٽ آهن ۽ هن دڙي مان
نڪتل ناچڻي جو مجسمو انڊيا وٽ آهي.تازو ئي سڪا چوري ٿيڻ جون خبرون به رپورٽ ٿيون
هيون هاڻ هتي انهن شين جا بس نقل رکيل آهن.






No comments:
Post a Comment