Wednesday, 15 February 2017

Group Blog Rasheed Sadam A.Razzaque






سنڌ ۾ تعليمي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي صورتحال
رشيد احمد نظاماڻي
 M.A Final Roll No: 49


جيڪڏهن ڳالهه ڪجي سنڌ ۾ تعليمي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي رجحان جي، ته اهو تمام گھٽ آهي. تعليم جي ميدان ۾ سنڌ جي شاگردن جي پٺتي هجڻ جا جتي ٻيا ڪيترائي سبب آهن اتي انهن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي رُجحان جي ڪمي به هڪ اهم سبب آهي.پرائمري کان وٺي يونورسٽي تائين جي شاگردن جي اڪثريت تعليم جي حاصلات جي رهنمائي کان محروم آهي.


شاگردن لاءِ اها ڳالهه تمام ضروري آهي ته پڙهائي دوارن ٻه اهم شعبن آرٽ ۽ سائنس ، ۽ انهن جي مڙني ضمني شعبن جيئن آرٽ ۾ ادب يا مصوري ۽ سائنس ۾ ميڊيڪل يا انجنيئرنگ وغيره متعلق کين انهن جي تعارفي معلومات ضرور هجي جو هو پنهنجي شوق ۽ ذهن مطابق ڪنهن هڪ شعبي جي چونڊ ڪري سگهن.


سنڌ جا پرائمري کان انٽر تائين جا اڪثر شاگرد ان قسم جي رهنمائي نه ٿيڻ جي ڪري پاڻ کي بي منزل مسافر سمجهندا آهن ۽ پرائمري کان وٺي انٽر تائين روايتي تعليم حاصل ڪندا ويندا آهن.انهن کي خبر ئي نه هوندي آهي ته آرٽ جا سبجيڪٽ ڪهڙا آهن ۽ سائنس جا ڪهڙا آهن ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي جو هو ڪنهن هڪ به اهڙي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ نه هوندا آهن جنهن کي هو پنهنجو مستقبل بڻائي سگھي.


وري جيڪي شاگرد جنرل يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندا آهن انهن جي صورتحال اها هوندي آهي جو هو صحيح شعبي جي چونڊ ڪرڻ ۾ واضع نه هوندا آهن.صحيح شعبي مان منهنجي مراد ڪو مخصوص شعبو نه بلڪه شاگرد جي پسند ۽ ذهني صلاحيتن سان ميل کائيندڙ شعبو آهي.جيئن ڪو شاگرد انگلش شعبو سٺي نموني پڙهي سگھي ٿو ۽ ڪو ميٿ ، فارميسي يا زولاجي وغيره.


اهڙي ريت انٽري ٽيسٽ کانپوءِ ڪنهن شعبي ۾ جڏهن انهن کي داخلا ملندي آهي ته اڪثر شاگردن کي ڪورس سمجهه ۾ نه ايندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو شعبو انهن جي ذهني صلاحيتن سان ميل کائيندڙ نه هوندو آهي.اهڙي ريت پڙهائي سمجهه ۾ نه اچڻ جي ڪري انهن جي پڙهائي مان دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي جنهن ڪري ڪيترائي شاگرد يا ته يونيورسٽي ڇڏي ڏيندا آهن يا بس خانه پوري ڪندا آهن.


شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ نه ٿيڻ جو سبب استادن ۽ والدين جي معلومات جي گهٽتائي يا ان طرف لاپرواهي جو مظاهرو ڪرڻ آهي.سنڌي سماج جا اڪثر استاد ۽ والدين تعليم جي طرف روايتي سوچ رکندڙ آهن جنهن ڪري هو شاگرد جي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي طرف ڪو به ڌيان نٿا ڏين.


والدين ۽ استادن کي گهرجي ته  شاگردن جي پرائمري کان وٺي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪئي وڃي ته جيئن اهي ننڍي هوندي کان ئي پنهنجو ذهن ڪنهن شعبي لاءِ واضع ڪري سگھن ۽ ان کي پنهنجين ڪوششن جو محور بڻائي ڪنهن هڪ شعبي ۾ مهارت رکندڙ بڻجي سگھن.


ان سلسلي ۾ ميڊيا ، تعليمي ادارن جي انتظاميه (نجي توڙي سرڪاري) کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.ميڊيا (ريڊيو ، ٽي.وي ، اخبار وغيره) اهڙا پروگرام نشر ڪري ۽ ڇپائي جيڪي شاگردن جي رهنمائي ڪن.اسڪول ،ڪاليج يا يونيورسٽي انتظاميه پنهنجي پنهنجي ادارن هفتيوار يا ماهوار اهڙا رهنمائي فراهم ڪندڙ ليڪچر منعقد ڪري سگھي ٿي.




                             سنڌ ۾ تعليمي ڪيريئر ڪائونسلنگ

لکندڙ:صدام حسين لاشاري

رول نمبر:52
علم هڪ اهڙي تربيت جو نالو آهي جنهن سان انسان جي پوري زندگي سنورجي سگهجي ٿي اهو چاهي اسلاميات يا اخلاقيات سان وابسته ڇو نـ هجي.

هڪ پاسي انسان جي زندگي تي علم جو اعليٰ ڪردار هجي ٿو وري ٻئي پاسي هن علم جي افضل ڪردار کي صحيح معني ۾ استعمال نـ ٿو ڪيو وڃي جنهن جو اثر شاگردن ۽ انهن جي خاندان تي پوي ٿو.

سڀ کان پيچيده حصو ڪيريئر ڪائونسلنگ جو هوندو آهي ڇاڪاڻ تـ مستقبل جي چونڊ ڪرڻ وقت شاگردن جي سوچ اول درجي جي نـ هوندي آهي ۽ نـ وري انهن کي ڪو حوصلاافزائي ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي.

اهي شاگرد ان وقت انوکو سفر طئي ڪندي نظرايندا آهن ۽ پنهنجي نـ هجڻ واري ڄاڻ کي نظر ۾ رکندي غلط ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪندا آهن.

اڪثر ائين بـ ٿيندو آهي تـ والدين پنهنجي ٻارن جي صحيح نموني سان ڪيريئر ڪائونسلنگ ناهن ڪندا جنهن جي نتيجي ۾هو اڳتي هلي احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويندا آهن.


اگر ڪنهن شاگرد کي انجنيئرنگ ئي سمجهه ۾ نـ ايندي هجي ۽ ان جا والدين ان کي اهو چئي فارم ڀرائن تـ انجنيئرنگ ۾ تمام گهڻيون نوڪريون اينديو آهن بنسبت ميڊيڪل جي تـ اهو شاگرد مستقبل ۾ ايندڙ در پيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي بـ صلاحيت وڃائي ويهندو آهي.

ائين بـ ٿيندو آهي تـ ڪنهن شاگرد جو شوق انجنيئرنگ ۾ هوندو آهي ۽ ان جا والدين ان شاگرد جو فارم ميڊيڪل ۾ ڀرائڻ جا خواهشمند هوندا آهن ۽ اهو ئي سبب هوندو آهي جو شاگرد ڊگري تـ مڪمل ڪندا آهن پر انهن کان پريڪٽيڪل ڪم چڙهيل هوندو آهي.

ڪجهه مسئلا مسائل ڪيريئر ڪائونسلنگ جي حوالي سان هن ريت بـ ڏٺا ويا آهن تـ شاگرد ڪنهن بـ شعبي پڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن جيڪو ڪاليج يا يونيورسٽي انتظاميا مهيا ڪندي آهي.

جنهن وقت شاگرد يونيورسٽي جي ڏنل شعبي پڙهڻ لاءِ ويندا آهن تـ ان کان بعد ۾ ئي انهن کي ان شيءَ جو علم ٿيندو آهي تـ ايترا ٻيا بـ سٺا شعبا هئا ۽ مون کي هن شعبي ۾ پڙهڻ گهرجي ها ۽ ان ۾ ئي منهنجو سٺو مستقبل ٺهي سگهي ها.


اها سڄي لاپرواهي شاگردن جي هجي ٿي اگر هو ان وقت ڪنهن سان صلاح مصلحت ڪري ڪيريئر ڪائونسلنگ جي حوالي سان عمل ڪري ها تـ شايد هو پنهنجي پسند جي شعبي ۾ سٺي طريقي سان فيضياب ٿي ها.

ڪيريئر ڪائونسلنگ جو هڪ اهم ڪردار آهي جيئن اسين پيپر ۾ ميڊيم تي ٽڪ جو نشان لڳائيندا آهيون ۽ اهو ميڊيم اسان لاءِ ڪارائتو هوندو آهي اگر سنڌي ميڊيم جي بجاءِ اسان اردو ميڊيم ٽڪ ڪيون ۽ اسان کي اردو ۾ لکڻ بـ نـ اچي تـ يقينن پوءِ اسان فيل ٿينداسين.

سٺي ۽ منفرد طريقي جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪرڻ سان زندگي ۾ ايندڙ انيڪ مشڪلاتون چونڊيل شعبي جي مناسبت سان گهٽ ٿي وينديون.


تعليم جي ميدان ۾ فني سفر جِي اصلاح
عبدالرزا ق ڪنڀر ايم-اي فائنل رول نمبر (03)
دنيا ۾ ڪيترائي پيشه آهن جن جي اصلاح ۽ ترقي لاءِ مختلف طور طريقا ڪُتب آندا ويا آهن، انهن طور طريقن کي نظر ۾ رکندي ماڻهن ڪاميابي پڻ ماڻي آهي. تعليم به هڪ اهم شعبو آهي جنهن ۾ وقت سان گڏ ترقيون اينديون رهيون آهن. ڇو ته دنيا روز بروز ترقي ڪري رهي آهي ۽ تعليم ۾ به نوان نوان طريقا متعارف ڪرايا پيا وڃن، جيڪي مستقبل جي ضرورت کي محسوس ڪندي آندا ويا آهن ۽ انهن طريقن کي  استعمال ڪيئن ڪجي ان جي لاء اسان کي اصلاح ۽ رهنمائي جي ضرورت پوي ٿي.

تعليمي سفر ۾ اصلاح :
هر انسان کي قدرت طرفان عقل جهڙي عظيم دولت سان مالا مال بنايو ويو آهي، پر تنهن هوندي به زندگي ۾ ڪجھ موڙ اهڙا هوندا آهن جن تي ان کي لازمي طور تي رهنمائي جي ضرورت پوندي آهي. مثال طور: اسان کي ڪنهن اهڙي جڳھ تي وڃڻو آهي جتي اسان  پهرين ڪڏهن به نه ويا آهيون ته ان جاءِ تي پهچڻ لاءِ اسان کي رهنمائي جي ضرورت پوندي. بلڪل ائين ئي تعليم هڪ اهڙي منزل  آهي جنهن تي  سفر ڪرڻ دوران ۾ شاگردن کي ڇا ڪرڻ گھرجي ڪهڙي طرح پنهنجي تعليمي زندگي  جي شروعات ڪرڻ گھرجي ان جي لاءِ به تعليم جي ميدان ۾  اصلاح تمام ضروري هوندي آهي.

تعليمي سفر ۾ شعبي جي چونڊ:
تعليم جي شعبي ۾ مختلف ڏاڪا هوندا آهن جنهن ۾ پرائمري،ايليمينٽري، سيڪنڊري، هائر سيڪنڊري ۽ يونيورسٽي سطح شامل آهن. اسان تعليم ۾ اصلاح  جي ڳالهه ڪنداسين هائر سيڪنڊري  تعليمي سطح کان ڇاڪاڻ ته هي اها سطح آهي جنهن ۾ ٻار جي اصلاح ڪرڻ تمام ضروري آهي هن سطح تي گروپ بندي جي شروعات ٿيندي آهي، هتان کان ئي آرٽ ۽ سائنس، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي چونڊ ڪئي ويندي آهي.



پسنديده شعبي جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ رکڻ:
 ان کان علاوه تعليم جي ميدان ۾ مختلف شعبه جات آهن جنهن جي چونڊ  کان پهرئين شاگردن کان معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڇا اُهي انجنيئرنگ، ميڊيڪل يا ڪنهن ٻي شعبي ۾ دلچسپي رکن ٿا. ڪنهن به شعبي ۾ وڃڻ کان پهرئين ان شعبي ۾ ان شاگرد جي دلچسپي هجڻ تمام ضروري آهي  بعض اوقات ائين ٿيندو آهي ته شاگردن کي خبر اها به نه هوندي آهي ته  گريجوئيشن ڪري مان ڇا ٿيندس، يا منهنجي شعبي جو ڪم ڪهڙو آهي اهڙي پڙهائي کان ماڻهو ائين ئي چڱو آهي .تعليمي سفر ۾ اصلاح جي حوالي سان سڀ کان پهرئين اهم ڳالهه اها آهي ته شاگردن کي ان جي پسنديده شعبي جي باري ۾ مڪمل سمجهايو وڃڻ ان شاگرد جي ان شعبي ۾ اصلاح ڪرڻ   کي ئي تعليمي فني سفر جي اصلاح چئبو آهي..

جڏهن ڪنهن شاگرد جي ان جي پسنديده شعبي جي باري ۾ اصلاح ڪئي ويندي آهي ته ان شاگرد کي  ان شعبي ۾ ڪڏهن به ڪا به پريشاني نه ٿيندي آهي ڇو ته هو جنهن شعبي ۾ پڙهي رهيو هوندو آهي ان جي جي باري ۾ پهرين کان ئي مڪمل ڄاڻ رکندڙ هوندو آهي ۽ ان کي اها به خبر هوندي آهي هن شعبي ۾ پڙهڻ سان کيس اڳيان هلي ڪهڙي ڪهڙي معلومات ملندي ۽ ان شعبي جي آڌار تي هو  مستقبل ۾ ڪهڙي فيلڊ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو.



No comments:

Post a Comment